ريواچند نهالچند

ريواچند نهالچند: نامور تعليمي ماهر ۽ جي. ايم. سيد جو استاد، ماستر ريواچند نهالچند، ڳوٺ ڀيان، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري جو رهاڪو هو. سندس وڏا اصل گوپانگن جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ڀين جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. فائنل پاس ڪرڻ بعد سنڌي استاد مقرر ٿيو. پهرين آگسٽ 1911ع کان 28 فبروري 1912ع تائين سن شهر جي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو. ان دوران جي. ايم. سيد وٽس پڙهيو. وٽانئس ٻيو درجو پاس ڪيائين. سندس اکر سهڻا هئا ۽ ٽيئي سال ڪاليج جا پاس ڪيا هئائين. ماستر ريواچند راڳ به سٺو ڳائيندو هو. ناٽڪ ۾ به دلچسپي هوندي هئس. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفي شاعرن جي ڪلام جو بياض وٽس موجود هوندو هو. هو پنهنجن شاگردن ۾ به راڳ جو شوق پيدا ڪندو هو. 1912ع ۾ ٻيهر سن جي اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو ۽ وري سال بعد بدلي ڪيو ويو. ان بعد ٽيون ڀيرو 1917ع ۾ سن جي اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو، جتي جون 1919ع تائين رهيو. ريواچند نهالچند 25 آڪٽوبر 1944ع تي جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.08.01  عيسوي

نامور تعليمي ماهر ۽ جي. ايم. سيد جو استاد، ماستر ريواچند نهالچند، ڳوٺ ڀيان، تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري جو رهاڪو هو. سندس وڏا اصل گوپانگن جي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جتان لڏي اچي ڀين جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. فائنل پاس ڪرڻ بعد سنڌي استاد مقرر ٿيو. پهرين آگسٽ 1911ع کان 28 فبروري 1912ع تائين سن شهر جي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿي رهيو. ان دوران جي. ايم. سيد وٽس پڙهيو.


1944.10.25  عيسوي

ريواچند نهالچند 25 آڪٽوبر 1944ع تي جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنهور رشيده اختر
جھانگير خان ڪرڪيٽر
عبدالمجيد نظاماڻي
محمد فقير مسخرو
بسنت فقير زوار
صعدي بن خريمه
رسول بخش بلوچ
مرزا محمد صالح ٺٽوي
چاندو فقير
آنند مٽائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون